پلي رحيم ڏنو

پلي، رحيم ڏنو: رحيم ڏنو پلي، ’سومريجن پلين‘ جي الياساڻي پاڙي مان ۽ تعلقي عمرڪوٽ جي ديهه ڪنر جو رهاڪو هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ بيت جي سٺن شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. سندس ڪلام جي مضمونن ۾: نعت، ياد، اُميد، جوانيءَ جون پڪارون، ڳوڙها ڳاڙڻ ۽ نصيحت جا موضوع ملن ٿا. رحيمڏني پليءَ جي اولاد مان ڪيترا فردَ ڳوٺ ’ڪاري پلي‘ جي ويجھو رهن ٿا ۽ ’جمال پليءَ‘ وارا پلي مشهور آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو